Tabeer Soomro, تعارف، استاد تعبير سومرو

اسان جو وڏو ڏاڏو جنهن جو نالو صاحبڏنو سومرو ھيو ـ اھو شڪارپور ۾ رھندو ھيو ـ ڪجھ نامناسب حالتن جي ڪري ڏاڏو محترم پنهنجي اھل و عيال سان شڪارپور مان لَڏي ڳوٺ ٻيرڙي, تحصيل خانپور, ضلعي گھوٽڪي ۾ اچي رھيو ـ

سومرا قوم جا ماڻهو گھڻو ڪري ھــارپو ۽ محنت مزدوري ڪندا ھيا, پيشي جي لحاظ سان ھنر مند ماڻهو ھيا, ڌوٻي, دڪاندار, بورچي (کٽي) , مذھبي لحاظ سان مدرسن ۾ مولي ۽ مؙدَرِس ھوندا ھيا. ٻارن کي ديني تعليم ڏيندا ھيا , مسجدن ۾ پيش امام ھوندا ھيا. گھڻ پڙھيا ماڻهو وڏن وڏن عھدن تي فائز ھيا. اڄ به سومرا قوم جا ڪيترائي ماڻهو اعليٰ آفيسر ۽ حڪومت ۾ وزراء به آھن ـ

اسان جي ڏاڏي جو نالو محمد سومر سومرو ھيو, جيڪو محنت مزدوري سان گڏ ھارپو به ڪندو ھيو. ڏاڏو سومر ٻيرڙي مان لَڏي ميرپور ماٿيلو کان ھڪ ميل جي فاصلي تي ڳوٺ شير خان ڇڄڻ ۾ اچي آباد ٿيوـ اھڙي طرح ٻيرڙي مان ٻيا به سومرا ڪوئي ميرپور, ڪوئي سرحد, ڪوئي باگوڊھو, ڪوئي ڏھرڪي ۽ ٻين شھرن ۾ پنهنجي پنهنجي روزگار جي سھولت جي مناسبت سان وڃي آباد ٿياـ اسان جي ڏاڏَي سومر جي ھڪڙي گھر واري فوت ٿيڻ کان پوءِ ٻـي شادي ڪئي ـ ڏاڏي سومر کي وڏي زال مان ھڪ پٽ ٿيو جنهن جو نالو صاحبڏنو رکيو ويوـ اھو اسانجي قبيلي ۾ چوٿون صاحبڏنو ھيوـ منهنجو والد صاحب چار سالن جو ھيو ته سندس والده وفات ڪري وئي ـ

منهنجي بابا جي پرورش پنهنجي نانِي ڪئي جيڪا ڳوٺ رئيس مٺو لکڻ نزد ڇاندڻ شريف ۾ رھندي ھئي ـ ابا جي نانِي جا پيڪا ريتي شھر جا ھئا. ٻــين شادي مان ڏاڏي سومر کي ٽي پٽ ڄايا محمد حيات, محمد صالح ۽ محمد سچل ـ

ڇاندڻ شريف ۾ گورنمنٽ پرائمري اسڪول ھيوـ جيڪو ستين درجي تائين ھلندو ھيوـ ان جو آخري امتحان ‘فائنل’ سڏبو ھيو جيڪو بورڊ وٺندو ھيوـ منهنجي والد صاحب صاحبڏنو کي ڇاندڻ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو جتان ھن ست درجا سنڌي پاس ڪياـ منهنجي وڏي ڏاڏي جي وفات کان پوءِ ڏاڏَي سومر ٻي شادي ڪئي جنهن مان ٽي پٽ ۽ ھڪ ڌيءؙ پيدا ٿي ـ

منهنجي والد صاحب جي شادي ۽ ملازمت:
جيئن ته بابا سائين پنهنجي نانِــي محترمه سان گڏ رھندو ھيو تنهنڪري بابا جي شادي به نانِي امان پنهنجي پيڪن مان ڪرائي ـ ريـــتي ۾ ھڪ معزز شخصيت صوبيدار دين محمد خان رھندو ھيو, والد صاحب جي شادي صوبيدار دين محمد سومري جي ڌيءؙ سان ٿي وئي ـ ھــاڻي والد صاحب پنهنجي سھري وٽ ريتي ۾ شفٽ ٿي ويو, صوبيدار دين محمد رٽائرڊ ٿيو ته ان جي پٽ نظر محمد خان اينٽي ڪرپشن آفيسر ٿي ويو جنهن والد صاحب کي پوليس ۾ سپاھي ڀرتي ڪرايوـ

صاحبڏنو جو اولاد:
نوڪري ملڻ کان پوءِ صاحبڏنو جي جتي به پوسٽنگ ٿيندي ھئي ھو پنهنجي ٻارن کي پاڻ سان گڏ اتي رکندو ھيوـ صاحبڏنو کي ٽي پٽ محمد حفيظ, بشير احمد ۽ رشيد احمد ٿياـ وڏو پرائمري استاد , ٻيو (آئون) پھرين پرائمري ۽ پوءِ ھائير سيڪنڊري استاد ٿيس ـ

ان کان علاوه بابا کي ٽي نياڻيون ھيون جن پنهنجا گھر وڃي وسايا 1943ع ۾ والد صاحب جي ڊيوٽي کمبڙا شھر تعلقي اٻاوڙي ۾ ٿي. 10 آڪٽوبر 1943ع ۾ منهنجي پيدائش اتي ٿي ـ اسان ڀائرن ڪنهن به ھڪ شھر ۾ لڳاتار تعليم حاصل ڪون ڪئي جتي به رھندا ھيا سين اتي پڙھندا ھيا سين ـ وڏي ڀاءؙ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو ۽ استاد ٿي ويو ـ مون مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ اتفاق سان منهنجي پوسٽنگ انهي شھر کمبڙا ۾ ٿي جتي منهنجو جنم ٿيو ھيو اھو 1961ع جو زمانو ھيو ـ ان دوران والد صاحب جي ڊيوٽي اٻاوڙي ۾ ھئي اتي اسٽيج ڊراما به ٿيندا ھيا.
اسٽيج ڊراما:
1959ع جي زماني ۾ ننڍن شھرن ۾ فلمون نه اينديون ھيون ـ ان جي ڪري ماڻهو تفريح ۽ وندر جي لاءِ اسٽيج ڊراما ڏسندا ھياـ اتي ھڪ “سوز ڊراما ڪلب” جي نالي سان ھڪ ڊرامو سوسائٽي ھئي جنهن ۾ شھر جا ماڻھو ميمبر ھيا ۽ اداڪاري ڪندا ھياـ مان به ان جو ميمبر بڻجي ويس ـ ان ڪلب جو استاد جنهن جو نالو محمد نظر ايم “سوز” ڀرتپوري ھيوـ جيڪو ٻولي جي لحاظ کان اردو ھيو ـ ھو ڪھاڻي نويس ٽن اخبارن جنگ, ڪـــوھستان ۽ رھبر جو رپوٽر ھيو ـ ھو ھڪ ناليوارو شاعر ھيو ـ ھو آغا حشر (انڊين شيڪسپيئر) جو شاگرد ھيو ـ مون ھن کان شاعري جي سکيا ورتي ان ڪري آئون بنيادي طور تي اردو جو شاعر آھيان ـ مون شاعري, اداڪاري ۽ ڪھاڻي نويسي استاد ايم سوز ڀرتپوري کان سکي ـ

موسيقي


ننڍپڻ کان ئي مونکي ڳائڻ جو شوق ھيوـ مان اسڪول ۾ قومي ترانو ۽ نغما ڳائيندو ۽ پڙھندو ھيس ـ درگاهن ۽ فقراء جي آستانن تي وڃي گانا ٻڌندو ھيس ـ ٻين مصروفيات جي ڪارڻ گائڪي جي سکيا وٺڻ جو وقت نه ملي سگھيو آخر ڪار 50 سالن جي ڄمار ۾ مون پھريون ڀيرو ھارمونيم تي ھٿ رکيو ۽ 20 سالن جي رياض کان پوءِ اڄ آئون اسٽيج تي بخوبي پرفارم ڪري سگھان ٿو. گائڪي جي سکيا مون استاد عبدالستار انوري کان ورتي ـ منهنجي ڏاڏَي جو سؤٽ ڌڻي بخش به يڪتاري تي ڏاڍي سريلي آواز ۾ ڳائيندو ھيوـ

                                                                                   

شادي


مون پنهنجي خاندان مان ئي شادي ڪئي 6 پٽ ۽ 3 نياڻيون ٿيون ـ

دستِ بيعت ٿيڻ

اؙھي ڪتاب جن تي مون پنهنجا تاثرات لکيا آھن:
١ـ “ٻاٽ ۾ لاٽ” سيد نور علي شاھ نور رضوي, ٢ـ عين جمال رسول الله مصنف پروفيسر محمد اسماعيل منصور سومرو ,٣ـ “ويندي ويندي” شاعري دادن فقير سنديلو

زيرِ ترتيب ڪتاب

١ـ ڪلياتِ انور شاعري صوفي فقير سيد انور علي شاھ
٢ـ ايک سي محبت سيد سخاوت حضور

٣ـ ايھو نينهن نھين اج ڪل دا حضورڻ سائين

ـ۴ آتشِ ھجر اردو ڪلام بشير احمد تعبير سومرو

ذوق


شعر و شاعري, موسيقي, درس و تدريس, تاريخي ,ادبي ۽ اسلامي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ , خاص ڪري شاعري جي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ, شاعري جي اسٽيج مشاعرن ۾ حصو وٺڻ, پاڪستان ٽيلي وزن (پي.ٽي.وي) ڪراچي جي لاءِ مشاعرن ۾ حصو وٺي چڪو آھيان ۽ اھو سلسلو تاحيات جاري رھندو….

والسلام ـ

خادم الادب

tabeer soomro  تعبير” سومرو. ميرپور ماٿيلوـ

4 thoughts on “BASHIR AHMED TABEER SOOMRO”

  1. نهايت ئي ڪارائتو عمل ۽بهترين مواد محفوظ ڪرڻ جو نئون طريقو… لاجواب ڪم

    Reply

Leave a Comment